سيتلا ماتا مندر ڀين پورو

سيتلا ماتا مندر ڀين پورو: ڪراچيءَ جي علائقي لي مارڪيٽ، ڀين پوري ۾ نانگ ناٿ مندر ۽ شو مندر جي پويان سيتل ڪمپائونڊ ڏانهن، اتر اوڀر پاسي سيتلا ماتا جو پراڻو مندر آهي، جنهن جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيو ويو آهي. مندر کي آڳاٽو هڪ هندو خاندان آباد ڪيو ويٺو هو، جيڪو هن وقت لڏي ويو آهي. نوراني بس اسٽاپ جي سامهون ڀين پوري جي سموري علائقي ۾، نيپئر روڊ تائين ۽ ٻئي پاسي موجوده رسالا پوليس ٿاڻي کان بندر روڊ تائين ڪافي هندو رهندا هئا، جيڪي هن وقت هتان هليا ويا آهن. ڀين پوري جي بچيل هن مندر جي اڏاوت نهايت خوبصورت آهي، جنهن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو